اهم خبرون

سنڌ

June 20, 2022 7:24 pm

سنڌ اسيمبليءَ ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ تي بحث دوران پي ٽي آءِ ايم پي اي دعا ڀٽو جي تقرير دوران پ پ ميمبرز سخت احتجاج ڪيو

سنڌ اسيمبليءَ ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ تي بحث دوران پي ٽي آءِ ايم پي اي دعا ڀٽو جي تقرير دوران پ پ ميمبرز سخت احتجاج ڪيو، ڊپٽي اسپيڪر سندس مائيڪ بندڪري ڇڏيو، دعا ڀٽو جو چوڻ هو ته سنڌ اندر پوتِي کي عزت ۽ مان ملي ٿو پر اسيمبليءَ ۾ منهنجي رئَي کي لاٿو ويو،بجيٽ جي ڪتاب تي اجرڪ ڇاپڻ جو اوهان کي ڪوبه حق ناهي.

سنڌ اسيمبليءَ دوران حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرز پاران نئين مالي سال 23-2022ع جي بجيٽ تي بحث ڪيو ويو.

پي ٽي آءِ ايم پي اي دعا ڀٽو جي تقرير دوران حڪومت جماعت پيپلز پارٽي جي ميمبرز سخت احتجاج ڪيو، جنهن دوران ڊپٽي اسپيڪر، دعا ڀٽو جي مائيڪ بند ڪري ڇڏي.

دعا ڀٽو چيو ته سنڌ اندر پوتِي کي عزت ۽ مان ملي ٿو پر اسيمبليءَ ۾ منهنجي رئَي کي لاٿو ويو،بجيٽ جي ڪتاب تي اجرڪ ڇاپڻ جو اوهان کي ڪوبه حق ناهي.

عارف مصطفيٰ جتوئي جي تقرير دوران به ٽريزري بئنچز تان نعريبازي ۽ گوڙ ٿيو، سندس چوڻ هو ته گذريل سال سرڪاري بئنچن تان هر وقت وفاق خلاف دانهون ٿينديون رهيون ته پئسا نٿا ملن، سنڌ ڏيڍ سئو ارب وصولين جو ٽارگيٽ ٻڌائي 5 ارب گهٽ وصول ڪيا، اهم پوسٽن تي چاچا، ماما ۽ انهن جا مائٽ مقرر ڪيا ٿا وڃن.

ڪلثوم چانڊيو تقرير ڪندي چيو ته اسان جي ملڪ مٿان جڏهن به مشڪل وقت آيو اسان جي قيادت ملڪ کي سنڀاليو آهي، سنڌ سرڪار بهترين بجٽ پيش ڪئي آھي، پگهارن ۾ واڌ ڪئي، تعليم جي بجٽ ۾ واڌارو ڪيو آهي.

هن چيو ته سنڌ حڪومت هر ضلعي ۾ يونيورسٽي يا ڪيمپس ڪيڊٽ ڪالج ٺاهڻ جو تاريخي فيصلو ڪيو آهي، اسڪالرشپ ڏيڻ سان 60 هزار نوجوانن کي فائدو حاصل ٿيندو.

ڪلثوم چانڊيو چيو ته اهو ٻڌايو وڃي ته گوگي بچايو مارچ ڇو ڇڏيو؟ سليڪٽڊ هاڻ ترجمان بڻجي سندس بچاءُ ڪري رهيو هو، جنهن تي اپوزيشن ميمبرز سخت احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي.

وڌيڪ پڙهو: