سنڌ هاءِ ڪورٽ، آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني سميت 9 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر ۽ جسٽس اقبال ڪلهوڙو تي ٻڌل 2 رڪني بينچ آغا سراج دراني سميت 18 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو اڄ ٻڌايو ويو.
عدالت آغا سراج دراني، سندس پٽ شهباز دراني جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي، جڏهن ته جوابدار طفيل احمد، ميٺا خان، اسلم پرويز لانگاهه، ذوالفقار ڏاهر ۽ گلزار احمد سميت 18 جوابدارن جي به ضمانت واري درخواست رد ڪئي وئي.
عدالت آغا سراج دراني جي گهرواري ۽ ڌيئرن جي ضمانت واري درخواست منظور ڪئي، ٻڌڻيءَ دوران نيب جي ٽيم عدالت ۾ موجود هئي پر آغا سراج دراني پيش نه ٿيو.
آغا سراج دراني سميت ٻين جوابدارن خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو ريفرنس احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، جنهن ۾ آغا سراج دراني، سندس گهرواري ۽ پٽن کي به نامزد ڪيو ويو آهي.
سپريم ڪورٽ جي حڪم تي آغا سراج دراني ۽ ٻين جي ضمانت واري درخواست تي ٻيهر ٻڌڻي ڪئي وئي..