پاڪستان

تازه خبرون

October 16, 2021 4:37 pm

سموري دنيا ۾ پيٽرول جون قيمتون وڌيون آهن: شيخ رشيد

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سموري دنيا ۾ پيٽرول جون قيمتون وڌيون آهن. ڪجهه ماڻهو حساس ادارن کي تڪراري بنائي رهيا آهن.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهين دوران شيخ رشيد احمد چيو ته ڪنهن به ملڪ جو حڪمران نه چاهيندو ته ملڪ ۾ مهانگائي ٿئي. سموري دنيا ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي. ڪجهه ماڻهو حساس ادارن کي تڪراري بنائي رهيا آهن. شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم جي هدايت آهي ته عيد ميلادالنبي صه ڀرپور طريقي سان ملهايو وڃي.

ڊي چوڪ تي جشن عيد ميلادالنبي صه ملهايو ويندو. وزيراعظم ڪنوينشن سينٽر ۾ محفل ميلاد صه کي خطاب ڪندو. گهرو وزير چيو ته افغانستان ۾ امن خطي جي امن سان جڙيل آهي. افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا. افغانستان جي استحڪام جي لاءِ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون دنيا انهن جي مدد ڪري.

وڌيڪ پڙهو: