پاڪستان

November 11, 2021 11:14 am

سمورين ڌرين سان ڳالهين جون حامي آهيان، رتوڇاڻ جو مخالف آهيان : شيخ رشيد

وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سمورين ڌرين سان ڳالهين جون حامي آهيان، رتوڇاڻ جو مخالف آهيان،

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سوچي سمجهي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ملتوي ڪيو.

پنڊي ۾ گرلز ڪاليج ۾ هال جو افتتاح ڪندي  شيخ رشيد چيو ته عمران خان پنج سال پورو ڪندو، ٽي ايل پي  سان پهرين ٺاهه  جو حصو هيس.

هن چيو ته حڪومتي مدي  جي آخري ڏينهن تائين عمران خان جو ساٿ ڏيندس، افغانستان ۾ جاري صورتحال جا سڌا اثر پاڪستان تي پوندا.

شيخ رشيد چيو ته پاڪستان جي ڀارت سان ميچ  جي فتح تي مون چيو هو ته منهنجو فائنل ٿي ويو، ڀارتي ميڊيا مون تي 6 ڏينهن تائين  پروگرام ڪيا..

وڌيڪ پڙهو: