سـُپريم ڪورٽ هزاره برادري جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت هزارا برادري جي ٽارگيٽ ڪلنگ خلاف پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ ڊي جي نيڪٽا 16 نومبر تي طلب ڪري ورتو.
چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،ٻڌڻي دوران مغوي علي رضا جي بازيابي بابت آءِ جي بلوچستان کي اڳڀرائي رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
جسٽس اعجاز الاحسن پڇيو ته علي رضا جي بازيابي جو ڇا ٿيو؟، آءِ جي ٻڌايو ته جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي، هڪ لاش جي ڊي اين اي لاءِ سيمپل پنجاب فرانزڪ ليب کي موڪليو آهي.
چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته توهان قبرون کوٽي ماڻهو ڳوليو پيا، زندهه ماڻهن مان مغوي علي رضا جي ڳولا ڪريو، لاش جو ٻڌي ڪري مغوي جي گهر ڀاتين جي ڪهڙي حالت ٿي هوندي.
جسٽس قاضي امين رمارڪس ڏنا ته مغوي جو هينئر تائين بازياب نه ٿيڻ پوليس جي ناڪامي آهي. هن چيو ته هزارا برادري جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي پئي وڃي، انهن جي تحفظ لاءِ قدم کنيا وڃن..