سرڪاري ٽي وي جي ميزبان غير ملڪي اسٽارز سامهون بيعزتي ڪئي ، سرڪاري ٽي وي تي پيش آيل افسوسناڪ واقعي بعد شعيب اختر جو ردعمل سامهون اچي ويو ،
شعيب اختر جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر نعمان نياز جو رويو ناقابل برداشت هيو ، مونکي لائيو شو مان نڪري وڃڻ جو چيو ويو ، هن جو چوڻ هو ته موکي سمجھ ۾ نه آيو ته ڊاڪٽر نعمان ائين ڇو چيو ،
قومي ٽي وي تي هڪ اسٽار رانديگر جي ايئين توهين مناسب نه هئي ، بريڪ دوران مونکي اندازو ٿيو ته پرڏيهي ماڻهن سامهون پاڪستان جي ساک کي ڪيترو نقصان ٿيندو ، مون ڊاڪٽر نعمان کي چيو ته ڪنهن طريقي سان ان معاملي کي اتي ختم ڪيو .
اڳوڻي فاسٽ بالر جو وڌيڪ چوڻ هو ته معاملي کي ختم ڪرڻ لاءِ مون چيو ته آئون مزاق ڪري رهيو هئس ، مون ڊاڪٽر نعمان کي چيو ته معافي وٺي ڇڏيو پر هُن معافي نه ورتي ته مون به شو ڇڏي ڏنو .
شعيب اختر جو چوڻ هو ته مون پروگرام ۾ معاملي کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڊاڪٽر نعمان پرڏيهي اسٽار رانديگرن جي سامهون منهنجي بيعزتي ڪئي ،
پرڏيهي اسٽارز ڇا سوچيندا ته هي ڇا پيو ٿئي . ڊاڪٽر نعمان معافي نه ورتي ان تي مون پروگرام مان مستعفي ٿيڻ جو اعلان ڪيو ، جيڪو ڪجھ ٿيو نه ٿيڻ گهرجي ها.