اهم خبرون

پاڪستان

October 12, 2021 1:46 pm

سروس دوران وفات ڪندڙ ملازمن جي ٻارن کي نوڪريون ڏيڻ بابت سپريم ڪورٽ جو اهم فيصلو

سپريم ڪورٽ سروس دوران وفات ڪندڙ ملازمن جي ٻارن  کي نوڪريون ڏيڻ بابت اهم فيصلو  ڪري ورتو،عدالت ڄاڻايو ته سرڪاري نوڪري لاءِ اهي ئي ٻار اهل هوندا، جن جا والدين 2005 کانپوءِ وفات ڪري ويا.

سن ڪوٽا بابت سپريم ڪورٽ فيصلو ڏيندي ڄاڻايو ته سال 2005 کان پهريان وفات ڪري ويل سرڪاري ملازمن جي ٻارن تي وزير اعظم پئڪيج لاڳو نه ٿيندو.

چيف جسٽس گلزار احمد  رمارڪس ڏنا ته پيءُ جي جاءِ تي پٽ کي نوڪري ڏيڻ جو قانون عجيب ۽ غريب آهي.

هن چيو ته سرڪاري آفيسون وراثت ۾ ملڻ واريون شيون نه آهن،سن ڪوٽا تي نوڪريون ڏنيون وينديون ته ميرٽ مڪمل طور ختم ٿي ويندي.

چيف جسٽس ڄاڻايو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته پيءُ لاڏاڻو ڪري وڃي ۽ پٽ کي نوڪري ملي.

جسٽس مظهر عالم ميان خيل چيو ته شروعات ۾ اھو قانون رڳو پوليس وارن جي لاءِ ھوندو ھو..

وڌيڪ پڙهو: