ٺٽو: پيپلزپارٽي ضلعي سجاول ۾ ھڪ دفعو ٻيھر اندروني گروپ بندي گذريل ڏينھن نيٺ ظاھر ٿي پئي، جڏھن پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعليٰ سنڌ جي حڪم تي سجاول جي انڊس شادي ھال ۾ منعقد ٿيل کليل ڪچھري شروع ٿيندي ئي بدنظمي جو شڪار ٿي وئي، عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ آيل جيالا پاڻ ۾ ھٿين پئجي ويا، ھڪٻئي کي ڪرسيون اڇلائي ھڻڻ سميت لتن مڪن جو وسڪارو ڪري ڏنو.
تقريب ۾ هڪ جيالي مراد چانڊيو پنھنجو مسئلو ٻڌائيندي چيو ته اسان جڏھن يوسي سيڪريٽري کان ھينڊ پمپ گھرون ٿا ته اسان کي چيو وڃي ٿو ته ايم اين اي اياز شاهه شيرازي کان چٺي وٺي اچو اھڙي فون ڪال جي اسان وٽ ريڪارڊنگ پڻ موجود آھي؟ جنھن تي صوبائي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو کيس جواب ڏنو ته توھان مسئلا ٻڌايو باقي ڪنھن تي تنقيد نه ڪريو پر جيالي پاران ٻيھر اھڙي ڳالھ ڪرڻ تي جيالا ھٿين پئجي ويا ۽ جھيڙو ٿي پيو. جھيڙي ۾ جيالن ھڪٻئي کي ڪرسيون اڇلائي ھيون ۽ لتن مڪن جو وسڪارو لاھي ڏنو، جنھن سبب ھڪ عورت سميت ٽي ڄڻا جھوڪ شريف جي رھواسڻ زيب النسا زال قادر بخش مڱريو، جاتي جو منظور ولد عبدالرحيم پليجو ۽ ميرپور بٺورو جو علي مراد چانڊيو زخمي ٿي پيا.
جھيڙي بابت موقف معلوم ڪرڻ لاءِ رابطو ڪرڻ تي پيپلزپارٽي ضلعي سجاول جي صدر محمد علي ملڪاڻي چيو ته اڄ جيڪو عمل ٿيو آھي اھو انتھائي غلط ٿيو آھي ايئن نه ٿيڻ گھرجي ھا. ھن وڌيڪ چيو ته پارٽي مونکي انھي مسئلي تي ڳالھائڻ کان روڪيو آھي ان ڪري وڌيڪ فيصلو پارٽي ڪندي.
وڌيڪ تفصيل وٺڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ۽ ايم پي اي ريحانه لغاري رابطو ڪرڻ تي چيو ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آھي، جنھن جا سمورا اڳواڻ تنقيد برداشت ڪرڻ جي سگھ رکن ٿا. اسان جي ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي برداشت ڪرڻ گھرجي ھا ۽ تنقيد ڪرڻ تي پارٽي جي جيالي کي سندن حامي مارڪٽ نه ڪن ھا، ھن چيو ته پيپلزپاٽي ھڪ جمھوري پارٽي آھي، اسان ھميشه ماڻھن جي تنقيد برداشت ڪئي آھي پر افسوس جو اسان جا ئي ايم پي اي ۽ ايم اين اي پنھنجي مٿان ڪنھن ورڪر جي تنقيد برداشت نہ ٿا ڪن. ھن چيو ته اسان صوبائي صلاحڪار حاجي رسول بخش چانڊيو جي يقين ڏيارڻ تي احتجاج ختم ڪيو آھي، وڌيڪ فيصلو پارٽي قيادت ڪندي.
ھن چيو ته زخمين کي اسپتال روانو ڪيو آھي، سرٽيفڪيٽ ملڻ کان پوءِ اھي پاڻ قانوني ڪارروائي ڪندا.
ٻئي پاسي ايس ايس پي سجاول سيد امداد علي شاهه رابطو ڪرڻ تي چيو ته خدا جي مھرباني سان جھيڙي ۾ وڌيڪ ڪو نقصان نه ٿيو آھي، باقي ڪنھن جا ڪپڙا ڦاٽا آھن يا ڪرسي وغيره جو ڌڪ لڳو آھي ته ان جو قانوني طريقيڪار آھي ۽ ايس ايڇ او سرٽيفڪيٽ وٺڻ لاءِ ميڊيڪل آفيسر کي ليٽر جاري ڪيو ھوندو. ٻي طرف ايس ايڇ او سجاول راجه نويد سرفراز ٻڌايو ته اسان ھڪ عورت سميت ٽن زخمين کي علاج لاءِ ليٽر ڏنو آھي ۽ جيئن ئي کين ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ مليو ته وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪنداسين.
ھوڏانھن اھڙي صورتحال بعد پيپلزپارٽي ضلعي سجاول ۾ ٻن واضع ڌڙن ۾ تقسيم ٿي وئي آھي، ۽ سوشل ميڊيا تي ٻنھي گروپن جي حامين پاران ھڪٻئي مٿان تنقيد جا تير وسايا پيا وڃن، ھڪ طرف شيرازي ڀائرن جي حمايت ۾ مھم ھلائي پئي وڃي ته شيرازين خلاف منصوبا بندي تحت اجائي تنقيد ڪري ھٿرادو ماحول کي بگاڙيو پيو وڃي ته ٻئي شيرازين جي شموليت کان اڳ واري پيپلزپارٽي جي ڌرين پاران شيرازين تي جيالي مٿان حملو ڪرائڻ جو الزام مڙھيو پيو وڃي ته سياست ۾ تنقيدون ٿينديون رھنديون آھن پر انھي جو حل اھو ھرگز ڪونھي ته تنقيد ڪندڙ مٿان قاتلاڻو حملو ڪرائجي.