ڪراچي جي نجي ڪمپني نسلا ٽاور کي ڪنٽرول بلاسٽ سان ڪيرائڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪمپني جي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته هي اهو ڪم متحده امارات جي هڪ ڪمپني جي مدد سان ڪندا. ٻئي ڪمپنيون يو اي اي ۾ 47 ماڙ عمارت کي ڪيرائڻ جو تجربو رکن ٿيون.
نسلا ٽاور کي ڪنٽرولڊ ڊيموليشن سان ڪيرائڻ ڪراچي جي ڪمپني هائي ٽيڪ اليڪٽرونڪس اينڊ مشينري ميدان ۾ اچي وئي آهي. ڪمپني جي اختيارين جي دعويٰ آهي ته هو متحده عرب امارات ۾ موجود گرينڊ بلڊنگ ڊيموليشن ڪمپني سان گڏ ملي 15 ماڙ نسلا ٽاور کي ڪيرائي سگهن ٿا.
ڪمپني موجب اسان گذريل سال يو اي اي ۾ 47 ماڙ ۽ 144 فلورز تي ٻڌل ال مينه پلازه کي 10 سيڪنڊن ۾ پٽ ڪري گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ پنهنجو نالو لکرائي چڪا آهيون.