سپريم ڪورٽ خيبرپختونخوا جي زلزلي متاثر علائقن ۾ اسڪولن جي اڏاوت نه ٿيڻ واري ڪيس ۾ ايرا کي سمورا اڏاوت هيٺ منصوبا جون 2022 تائين مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،
عدالت ڪي پي حڪومت کان به اڳڀرائي رپورٽ گهري ورتي، تعمير ڪيل اسڪولن ۾ شاگردن ۽ استادن جا تفصيل به طلب
چيف جسٽس ايرا چيئرمين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته ايرا آفيسر رڳو پگهارون ۽ رعايتون وٺي رهيا آهن،
اوهان جا ٻار تعليم کان محروم ٿين ها ته ڪم ڪريو ها، ايرا چيئرمين ٻڌايو ته 14 هزار منصوبا مڪمل ڪرڻا هئا، رڳو 3 هزار رهجي ويا آهن،
تعليم ۽ صحت پهرين اوليت آهن، چيف جسٽس چيو ته تعليم ۽ صحت اوليت ۾ هجن ها ته منصوبا مڪمل ٿين ها، زلزلي متاثر علائقا ۾ رٿائون هڪ سال ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجن ها،
جن اسڪولن جون تصويرون آهن اهي غير فعال لڳن ٿا..