ڪاروبار

November 11, 2021 4:36 pm

ريلوي انتظاميا کاتي کي خساري مان ڪڍڻ لاءِ نئون رستو ڳولي ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي کاتو ساليانو 40 ارب رپين کان وڌيڪ خساري ۾ هلي رهيو آهي ۽ هاڻي انتظاميا ان کاتي کي خساري مان ڪڍڻ جو رستو ڳولي ورتو آهي.

ذريعن موجب ريلوي انتظاميا نجي شعبي جي سهڪار سان سموريون مسافر ٽرينون ۽ مال بردار ٽرينون هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سمورين ٽرينن جو آپريشن ڊپارٽمينٽ وٽ رهندو، ٽڪيٽن ۽ سامان جي بکنگ خانگي شعبي جي حوالي ڪئي ويندي.

ذريعن موجب نجي شعبي جي شموليت سان 71 مسافر ٽرينن کي هلائڻ لاءِ ٽينڊرز طلب ڪيا ويا آهن، 15 نومبر ٽينڊر جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ آهي جڏهن ته ريلوي کاتو اڳ ۾ ئي خانگي شعبي جي سهڪار سان 14 مسافر ٽرينون هلائي رهيو آهي.

ريلوي ذريعن موجب خانگي شعبي جي سهڪار سان سامان وين، بريڪ وينز ۽ پارسل ايڪسپريس هلائڻ لاءِ ٽينڊرز به طلب ڪيا پيا وڃن. مال بردار گاڏين جا 9 ريڪ اڳ ۾ ئي خانگي شعبي جي شموليت سان هلايا پيا وڃن، باقي مال گاڏين کي به خانگي شعبي جي شموليت سان هلائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

ذريعن موجب ريلوي جي سمورن تعليمي ادارن ۽ اسپتالن کي خانگي شعبي جي سهڪار سان هلائڻ جو هوم ورڪ به مڪمل ڪيو ويو آهي.

ريلوي عملدارن جو چوڻ آهي ته اهڙن قدمن سان ريلوي جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو ۽ خسارو گهٽ ٿيندو.

وڌيڪ پڙهو: