بين الاقوامي

February 25, 2022 11:39 am

روسي فوج يوڪرين جَي راڄڌاني ڪِيف جو زميني گهيرو

روس جا ٻئي ڏينهن به يوڪرين تي ميزائل حملا، روسي فوج يوڪرين جَي راڄڌاني ڪِيف جو زميني گهيرو به ڪري ورتو،

ڪنهن به وقت شهر اندر داخل ٿيڻ جا امڪان، آمريڪي اختيارين به خدشو ظاهر ڪيو آهي ته روسي فوج آچر تائين يوڪرين تي مڪمل طور قبضو ڪري يوڪريني حڪومت ختم ڪري ڇڏيندي، يوڪرين تي هيل تائين ٿيل حملن ۾ 137 ماڻهن جي مارجڻ ۽ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿيڻ جي تصديق، ڪروز ۽ بيلسٽڪ ميزائل حملن ۾ ڪيتريون ئي عمارتون تباهه.

ميزائلز سان ليس روسي ٽينڪس ڪنهن به وقت ڪِيف تي حملو ڪري سگهن ٿيون, يوڪرين حڪومت خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو،

يوڪريني صدر ولاديمر زيلنسڪي روس جي حملن ۾ سوين ماڻهن جي مارجڻ توڙي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته نيٽو جي ميمبرز ملڪن سميت سموري دنيا روس سان وڙهڻ لاءِ اڪيلو ڇڏي ڏنو، يوڪريني صدر پاران راڄڌاني ڪِيف ايئرپورٽ جو ڪنٽرول ٻيهر حاصل ڪرڻ ۽ روس جو هڪ وڌيڪ ويڙهاڪ جهاز ڪيرائڻ جي به  دعويٰ

وڌيڪ پڙهو: