top_news

تازه خبرون

April 2, 2022 8:56 pm

رمضان ۾ شيطان بند ٿي ويندو آهي، اسان سڀاڻي بني گالا جي شيطان کي بند ڪنداسين,بلاول ڀٽو زرداري

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته رمضان ۾ شيطان بند ٿي ويندو آهي، اسان سڀاڻي بني گالا جي شيطان کي بند ڪنداسين.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  هارايل شخص سڀاڻِي اقتدار جي منتقلي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، ادارا آئيني ڪردار ادا ڪن.

هن  چيو ته عمران نيازي پارليامينٽ  اندر ۽ ٻاهر ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، ٽائيگر فورس جي ڏنڊا بردارن کي پارليامينٽ ۾ پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته  سڀاڻي اسان جي سحري نئين ۽ افطاري پراڻي پاڪستان ۾ ٿيندي، اڪثريت اسان وٽ آهي.

هن چيو ته عمران نيازي کي چوان ٿو ته عزت سان استعيفيٰ ڏئي يا بي اعتمادي رٿ کي منهن ڏئي، ٻارن وانگر روئڻ بند ڪري.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته شهباز شريف ، راڻا ثنا الله کي وفاقي گهرو وزير ڪندو، عمران خان گهٻرائي رهيو آهي ته سندس خلاف ڪا انتقامي ڪارروائي نه ٿي، مان شهباز شريف کي درخواست ڪندس ته توهان تي ڪيس داخل نه ڪري.

هن چيو ته پهريان وزيراعظم عمران خان چوندو هو ته شڪست نه کائيندس ۽ هاڻي  چئي رهيو آهي ته شڪست تسليم نه ڪندس.

پ پ چيئرمين چيو ته قوم جي قسمت سان راند کيڏي پئي وڃي، هارايل شخص کي آئين ۽ جمهوريت سان کيڏڻ نه ڏينداسين.

وڌيڪ پڙهو: