پاڪستان

October 28, 2021 12:30 pm

راولپنڊي ۽ وفاقي گادي واري شهر کي ملائڻ وارا مک رستا سيل

بندش وڌل تنظيم ٽي ايل پي  جي اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ  سبب راولپنڊي ۽ وفاقي گادي واري شهر  کي ملائڻ وارا  مک رستا سيل ڪيا ويا.

بندش وڌل تنظيم جي احتجاج سبب راوالپنڊي ۾ فيض آباد انٽرچينج  کان مريڙ چوڪ صدر تائين مري روڊ  جي ٻنهي پاسن کان ڪنٽينرز لڳائي بند ڪيا ويا، جڏهن ته چاندني چوڪ  کان فيض آباد تائين مري روڊ  سيل آهي ۽ مختلف جاين تي رڪاوٽون  آهن.

ان کانسواءِ فيض آباد کان سڪسٿ روڊ  تائين پوليس  جي ڳري نفري  مقرر آهي،جڏهن ته متبادل رستن تي شديد ٽريفڪ جام آهي.

آءِ جي پي روڊ اسٽيڊيم روڪ ۽ فيض آباد  طرف نائنٿ ايونيو سگنل  به بند آهي.متبادل رستي تي ٽريفڪ کي نائينٿ ايونيو ۽ آءِ  جي پي روڊ طرف موڙيو پيو وڃي.

راولپنڊي ۾ ميٽرو بس سروس به بند آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ ميٽرول سورس کي کليل رکيو ويو آهي.

انتظاميا جي پڌرائي موجب راولپنڊي ۾ صدر کان فيض آباد ميٽرو سروس  معطل آهي ۽ ميٽرو سروس پنڊي ايندڙ حڪم تائين بند رهندي.

ٻئي رڪاوٽن سبب شهرين، شاگردن، نوڪري ڪندڙ شهري ۽ پورهيت سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن،مريضن کي به اسپتال منتقلي ۾ ڏکيائي کي منهن ڏينو پئجي ويوآهي..

وڌيڪ پڙهو: