مشهور ڀارتي اداڪارا راني مکرجي بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان لاءِ پنهنجي پيار جو اعتراف ڪيو آهي.
راني مکرجي پنهنجي ايندڙ فلم ”بنٽي اور ببلي 2“ جي پروموشن لاءِ اداڪار سيف علي خان سان گڏ رنوير سنگهه جي پروگرام ”دي بگ پکچر“ ۾ شرڪت ڪئي.
شو دوران اداڪارا اعتراف ڪيو ته کيس 1998ع جي مشهور فلم ”غلام“ جي شوٽنگ دوران عامر خان سان پيار ٿي ويو.
راني جو چوڻ هو ته کيس عامر تي سخت ڪرش هو، جنهن ڪري کيس فلم جي شوٽنگ ۾ ڏکيائيون پيش آيون، هوءَ عامر سان گڏ ڪم ڪرڻ کان لنوائي رهي هئي.
اداڪارا چيو ته فلم غلام ۽ فلم ڪڇ ڪڇ هي جي شوٽنگ دوران عامر خان کان گهڻو ڪجهه سکيو، شاهه رخ خان کان به گهڻو ڪجهه سکيو، مون کي فخر آهي ته ٻنهي اداڪارن سان ايترو ڪم ڪيو آهي.