تازه خبرون

رانديون

November 11, 2021 4:29 pm

دعائون رنگ آڻينديون، سيمي فائنل لاءِ شعيب ۽ رضوان فٽ قرار

دبئي (اسپورٽس نيوز) آل رائونڊر شعيب ملڪ ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اڄ کيڏي ويندڙ ٻئي سيمي فائنل لاءِ فٽ قرار ڏئي ڇڏيا آهن.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) موجب ڊاڪٽرن ٻنهي رانديگرن کي سيمي فائنل ۾ کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

ڪرڪيٽ جا شوقين ٻنهي کي اڄ دبئي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ آسٽريليا خلاف ايڪشن ۾ ڏسي سگهندا.

واضح رهي ته پاڪستاني ٽيم جي ميڊيا مئنيجر ابراهيم بديس گذريل ڏينهن ٻڌايو هو ته شعيب ۽ رضوان کي فلو ٿي ويو آهي ۽ کين معمولي بخار به آهي، سندن ڪورونا ٽيسٽ جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي پر ڊاڪٽر کين آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.

وڌيڪ پڙهو: