پاڪستان

December 20, 2021 11:34 am

خيبرپختونخواهه جي مڪاني چونڊن ۾ حڪمران جماعت پي ٽي آءِ کي ڪيترين ئي سيٽن تي اپ سيٽ

خيبرپختونخواهه جي مڪاني چونڊن ۾ حڪمران جماعت پي ٽي آءِ کي ڪيترين ئي سيٽن تي اپ سيٽ شڪست ٿي آهي،

غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پشاور، بنون، ڪوهاٽ ۽ مردان جون سيٽون اپوزيشن پارٽين کٽي ورتيون آهن.

خيبرپختونخواهه جي 17 ضلعن ۾ پهرين مرحلي ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جا نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، پي ٽي آءِ کي نه رڳو اڪثر علائقن ۾ اپ سيٽ شڪست ملي آهي پر مخالف جماعت جي يو آءِ ان کان اڳتي نڪري وئي آهي.

چئن شهرن ۾ ميئر جي چونڊ ٿي رهي آهي، جن ۾ مردان ۾ اي اين پي، ڪوهاٽ ۾ جي يو آءِ ميدان ماري ورتو آهي، جڏهن ته بنون ۽ پشاور ۾ به پي ٽي آءِ جا اميدوار پوئتي آهن.

64  مان 19 تعلقن ۾ به جي يو آءِ اڳتي آهي، پي ٽي آءِ 15 تعلقن ۾ ۽ آزاد اميدوار 12 تعلقن ۾ اڳتي آهن، جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي کي به 8 تعلقن ۾ سرسي حاصل آهي.

جماعت اسلامي ٽن، تحريڪ اصلاح پاڪستان ۽ مسلم ليگ ن ٻن تعلقن ۾ سرسي ماڻي ورتي، پيپلزپارٽي هڪ تعلقي ۾ اڳتي آهي.

ضلعي بونير جي ڇهن مان چئن سيٽن تي تحريڪ انصاف ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، ضلعي جوابي جي تعلقي صوابي ۾ پي ٽي آءِ جو عطاءُ الله خان 29 هزار 363 ووٽ کڻي کٽي ويو، سندس مقابلي ۾ اي اين پي محمد اڪمل 21 هزار 50 ووٽ حاصل ڪري ٻي نمبر تي رهيو.

ضلعي صوابي جي تعلقي لاهور ۾ مسلم ليگ ن جو عادل خان اڳتي آهي، جڏهن ته صوابي جي تعلقي ٽوپي ۾ جي يو اءِ جو محمد رحيم اڳتي آهي.

ضلعي ڪرڪ جي تعلقي باڊن دادو شاهه ۾ پي ٽي آءِ، ضلعي ڪرڪ جي تعلقي ڪرڪ ۾ اي اين پي جو عبدالرحمان پهرين ۽ پي ٽي آءِ جو عظمت خان ٻي نمبر تي آهي.

وڌيڪ پڙهو: