پاڪستان

تازه خبرون

November 8, 2021 5:47 pm

خورشيد شاهه پيپلز پارٽي کي ٻيهر پي ڊي ايم ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه حڪومت مخالف سياسي اتحاد (پي ڊي ايم) ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته سياست ۾ ڪو به فيصلو حتمي ناهي هوندو، فيصلا حالتن سان تبديل ۽ خراب ٿيندا آهن.

هن چيو ته پ ڊي ايم ۽ پ پ جو پارليامينٽ ۾ حڪومت خلاف هڪ ئي موقف آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ پ پ اڳواڻ چيو ته هن شهباز شريف، فضل الرحمان ۽ ٻين مخالف ڌر جي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، پارٽي هميشه منهنجي راءِ کي اهميت ڏني آهي.

خورشيد شاهه چيو ته ڊالر اسڪينڊل دنيا جو سڀ کان وڏو اسڪينڊل هوندو، ڊالر جو اگهه 110 رپيا هو پر هاڻي 175 رپيا ٿي رهيو آهي، جڏهن ته بجلي جي يونٽ جي قيمت 11 رپين مان وڌي 29 رپيا ٿي وئي آهي.

وڌيڪ پڙهو: