پاڪستان

تازه خبرون

November 10, 2021 4:44 pm

خورشيد شاهه جي شهباز شريف ۽ فضل الرحمان سان ملاقات، حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ تي اتفاق

پ پ جي سينئر اڳواڻ خورشيد شاهه اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پارليامينٽ ۾ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

اپوزيشن اڳواڻ ۽ مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ خورشيد شاهه کي ضمانت تي آزادي جي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن پارلياماني ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ۽ ملي حڪومتي قانونسازي روڪڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته قانون جي منظوري کي بلڊوز ڪيو ويو ته اپوزيشن سخت رد عمل ڏيندي. ان کان علاوه پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه، مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ويو ۽ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي.

مولانا فصل الرحمان خوشيد شاهه کي آزادي تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن پارليامينٽ ۾ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ مولانا اسد محمود به موجود هو.

وڌيڪ پڙهو: