پاڪستان

October 31, 2021 11:24 am

حڪومت ۽ بندش پيل تنظيم ۾ معاملا طئي ٿي ويا

حڪومت ۽ بندش پيل تنظيم ۾ معاملا طئي ٿي ويا، مظاهرين پهرين مرحلي ۾ جي ٽي روڊ تي لڳل ڌرڻو ختم ڪرڻ تي راضي،

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، اسپيڪر اسد قيصر ۽ مملڪتي وزير علي محمد خان جي سربراهي ۾ حڪومتي ڪميٽي گذريل رات بندش پيل تنظيم جي قيادت سان ڳالهيون ڪيون،

ذريعن موجب  گرفتار ڪارڪن کي قانوني ضابطه پورا ٿيڻ بعد آزاد ڪيو ويندو،

پابندي مڙهيل تنظيم جو مارچ وزير آباد ۾ موجود، احتجاج سبب پنجاب جي مختلف علائقن ۾ زندگي جو ڪاروهنوار سخت متاثر،

مارچ کي راولپنڊي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ فيض آباد انٽرچينج کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو، مري روڊ تي به ڪاروباري مرڪز ۽ تعليمي ادارا بند،

وزير آباد شهر جي داخلي رستي تي به رينجرز جا جٿا مقرر، سراءِ عالمگير ۽ جهلم کي ملائيندڙ جي ٽي روڊ کي کڏون کوٽي بند ڪيو ويو، 12 ڏينهن کان روڊ رستا بند هئڻ سبب شهري سخت ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لڳا..

وڌيڪ پڙهو: