حڪومت ۽ بندش پيل تنظيم ۾ اتفاق راءِ سان معاهدو ٿي ويو، ٺاهه جي تنظيم جي امير سعد رضوي حمايت ڪري ڇڏي ، تفصيل مناسب وقت تي سامهون آندا ويندا،
معاهدي تي عملدرآمد لاءِ مملڪتي وزير علي محمد خان جي سربراهي ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪئي وئي،،ڪميٽي ۾ بندش پيل تنظيم جا اڳواڻ به شامل هوندا.
اسلام آباد ۾ مشهور مذهبي عالم مفتي منيب الرحمان ، پرڏيهي وزير شاهه محمد قريشي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ مملڪتي وزير علي محمد خان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته حڪومت ۽ بندش پيل جماعت ۾ معاهدو ٿي ويو آهي.
مفتي منيب الرحمان چيو ته ڪو به اڻ وڻندڙ واقعو پيش اچڻ کان اڳ معاهدو ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي، معاهدو ڪنهن جي سوڀ يا فتح نه پر حب الوطني جي سوڀ آهي.
هن چيو ته مڃون ٿا ته حڪومت وٽ طاقت به آهي ۽ ادارا به، پر آرڊيننس فيڪٽري ۾ ٺهندڙ بارود ۽ هٿيار پنهنجي ماڻهن تي نه پر اندروين ۽ ٻاهرين دشمنن خلاف استعمال ٿيڻ گهرجن.
هن چيو ته ٻنهي ڌرين جي ڏاهپ سبب ڳالهيون ڪامياب ٿيون،اتفاق راءِ سان ٻنهي ڌرين ۾ معاهدو ٿيو آهي،ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ٻنهي ڌرين معاهدو ڪيو،معاهدو پاڪستان، اسلام ۽ حب الوطني جي سوڀ آهي.
مفتي منيب الرحمان چيو ته مناسب وقت تي معاهدي جا تفصيل جاري ڪيا ويندا،اسان ملڪ جي مفاد ۾ ٻنهي ڌرين ۾ ٽياڪڙي ڪئي،معاهدي تحت اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي،ايندڙ 10 ڏينهن ۾ معاهدي جا مثبت نتيجا سامهون اچي ويندا.
هن چيو ته ٻئي ڌريون ٿيل معاهدي تي عمل ڪنديون،وزيراعظم عمران خان ڳالهين لاءِ سنجيدا قدم کنيو، وزيراعظم ٽن عهديدارن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي،وزيراعظم جوڙيل ڪميٽي تي اعتماد ڪندي اختيار ڏنا.
مفتي منيب الرحمان چيو ته ٻنهي ڌرين ڳالهين لاءِ مثبت رويو اختيار ڪيو..