پاڪستان

تازه خبرون

November 14, 2021 2:26 pm

حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري نه سگهندي : نئير بخاري

پيپلزپارٽي اڳواڻ نئير بخاري چيو آهي ته وزيراعظم، سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي واري رٿ جو آپشن موجود آهن  اپوزيشن سان مشاورت بعد فيصلو ڪنداسين ته غير آئيني حڪومت کي ڪهڙي ريت گهر موڪلجي.

جاري ڪيل بيان ۾ نئير بخاري چيو ته موجوده صورتحال مان لڳي ٿو ته حڪومت اپوزيشن جا قدم کڻڻ کان اڳ ئي گهر ڀيڙو ٿي ويندي.

واضح رهي ته مخالف ڌر حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ  لانگ مارچ سميت مختلف آپشنز  تي عمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ٽڪراءَ سبب صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي،مخالف ڌر جوخيال آهي ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري نه سگهندي.جڏهن ته حڪومتي اتحادين جو خيال ته عمران خان جي حڪومت هر حال پنجن سالن جو مدو پورو ڪندي..

وڌيڪ پڙهو: