وفاقي حڪومت پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪا گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڌرڻا هڻي رهي آهي، ان کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي انهن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويندو.
ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته پابندي مڙهيل ٽي ايل پي کي هاڻي سياسي جماعت نه پر شدت پسند تنظيم طور ڏٺو ويندو، ٽي ايل پي سان به اهڙي ئي نموني ڪارروائي ڪئي ويندي.
فواد چوڌري چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته رياست جي رٽ کي برقرار رکيو وڃي، رياست جي صبر جي به ڪا حد هوندي آهي، ڪيترا ڏينهن سنڀالينداسين؟ رياستي رٽ کي چيلينج ڪرڻ برداشت نه ڪيو ويندو.
فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته آءِ جي پنجاب پوليس پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ايل پي خلاف آپريشن جا تفصيل فراهم ڪندو.
فواد چوڌري ٻين رياستي ادارن کي به درخواست ڪئي ته ٽي ايل پي بابت پنهنجن فيصلن تي نظرثاني ڪن.