پاڪستان

November 8, 2021 12:55 pm

حڪومت ٻڌائي ته پابندي مڙهيل تنظيم سان ڪهڙو معاهدو ڪيو آهي : شهباز شريف

مسلم ليگ نون جي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ ميان شهباز شريف چيو آهي ته هر شيءِ ڳجهي آهي، حڪومت ٻڌائي ته پابندي مڙهيل تنظيم سان ڪهڙو معاهدو ڪيو آهي.

قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پارليامينٽ هائوس پهچڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته پابندي مڙهيل تنظيم سان معاهدي بابت حڪومت پارليامينٽ ۾ اچي ٻڌائي.

ن ليگ صدر جو چوڻ هو ته پابندي مڙهيل تنظيم کي بندش پيل لسٽ مان ڪڍڻ تي مشاورت کانپوءِ جواب ڏينداسين.

واضح رهي ته وفاقي گهرو وزارت اڄ تحريڪ لبيڪ تان پابندي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي،

ان کان اڳ پنجاب حڪومت جي سمري تي وفاقي ڪابينا ٽي ايل پي تان پابندي هٽائڻ جي منظوري ڏني هئي..

وڌيڪ پڙهو: