پيٽروليم شين جي اگهه ۾ واڌ تي مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جو رد عمل سامهون اچي ويو.
جاري ڪيل بيان ۾ ن ليگ جي صدر شهباز شريف چيو ته پيٽرول 145 رپيا ليٽر جي حد پار نه ڪئي،پر موجودهه حڪومت نالائقي، نااهلي ۽ ڪرپشن جي هر حد پار ڪري ڇڏي.
مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 8 رپين کان وڌيڪ واڌ مهانگائي ۾ اضافو ڪندو،عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو.
هن چيو ته آءِ ايم ايف جي حڪم تي حڪومت هينئر به پيٽروليم ليوي وڌائي مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ظلم ڪيو.
شهباز شريف چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف کان بجلي جون قيمتون وڌائڻ جي شرط سامهون ڍير ٿي چڪي آهي..