پاڪستان

October 29, 2021 11:08 am

حڪومت مقرر وقت کان پهريان  ئي ڊهي پوندي : خواجا سعد رفيق

ن ليگ جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته اسان کي اليڪشن گهڻي پري نظر نه اچي رهي آهي، حڪومت مقرر وقت کان پهريان  ئي ڊهي پوندي.

لاهور احتساب عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق چيو ته وزيراعظم ۽ وزيرن جي بيانن ۾ گهڻو فرق نظر اچي رهيو آهي.

هن چيو ته ڊينگي جي خراب صورتحال  جا ذميدار پنجاب جو وڏو وزير ۽ صحت جي وزير آهن , سعد رفيق چيو ته آرڊيننس جي ذريعي ملڪ کي هلايو پيو وڃي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سوڀ بابت تبصرو ڪندي سعد رفيق چيو ته وڏي عرصي کانپوءِ  سٺي خبر ملي آهي،جنهن سان ملڪي وقار ۾ اضافو ٿيو آهي.

ن ليگ اڳواڻ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي  ڪاميابي عطا فرمائي.

ٻئي طرف پيراگون  هائوسنگ سوسائٽي ريفرنس  جي ٻڌڻي لاهور جي احتساب عدالت ۾ ٿي، نيب پراسيڪيوٽر جو شاهد عدالت کي مطمئن ڪري نه سگهيو، عدالت ٻڌڻي 17 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي…

وڌيڪ پڙهو: