حڪومت مخالف اتحاد پي ڊي ايم اڄ ڪوئيٽا ۾ پاور شو جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون، ملڪ اندر مهانگائي خلاف ريلي ڪڍي جلسو ڪيو ويندو.
پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ پاران ڪوئيٽا ۾ جلسي جون تياريون ڪيون ويون آهن، مهانگائيءَ خلاف ايوب اسٽيڊيم کان ريلي ڪڍي ايڌي چوڪ تي جلسو ڪيو ويندو.
جلسي ۾ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان، محمود اچڪزئي، عبدالمالڪ بلوچ، آفتاب شيرپائو، سردار يعقوب ناصر سميت ٻيا اڳواڻ شرڪت ڪندا.
ان کان اڳ ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم عام ماڻهن جو آواز آهي، سڄي قوم مهانگائيءَ جي چڪيءَ ۾ پيڙهجي رهي آهي، روزانو ٽيڪسز لاڳو ٿيڻ سبب ماڻهو آپگهات تي مجبور ٿي ويا آهن..