پاڪستان

November 1, 2021 1:21 pm

حڪومت جي نااهلي جي سزا عوام ۽ ملڪ ڀوڳيندا رهندا

پيپلز پارٽي جي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته بحران مٿان بحران اچي رهيو آهي، ايل اين جي ڪمپنيون پاڪستان کي ايل اين جي ڪارگو فراهم ڪرڻ واري معاهدي تان پوئتي هٽي ويون آهن، هلندڙ مهيني کان گئس جو شديد بحران پيدا ٿي ويندو.

ٽوئيٽ ڪندي شيري رحمان چيو ته هي ڊيفالٽر جو مقابلو ڊفالٽر سان لڳي رهيو آهي، جيڪڏهن ڪمپنيون ڏيوالپڻي جو شڪار هيون ته حڪومت انهن سان معاهدو ڇو ڪيو؟

هن چيو ته پهريان ئي حڪومت هلندڙ سال هڪ ايل اين جي ڪارگو گهٽ خريد ڪيو آهي، تاريخ ۾ سڀ کان مهانگي ايل اين جي خريد ڪرڻ بعد به بحران پيدا ٿيو،هِنن کان وڌيڪ نااهل حڪمران تاريخ ۾ نه ملندا.

شيري رحمان وڌيڪ چيو ته سياري ۾ گئس بحران جو ذميوار ڪير هوندو؟ آخر ڪيستائين هن حڪومت جي نااهلي جي سزا عوام ۽ ملڪ ڀوڳيندا رهندا..

وڌيڪ پڙهو: