ڪاروبار

November 10, 2021 5:38 pm

حڪومت جي سمورن دعوائن باوجود کنڊ جا اگهه گهٽ نه ٿي سگهيا

حڪومت جي سمورين دعوائن ۽ ڪوششن باوجود ملڪ ۾ کنڊ جو اگهه گهٽ نه ٿي سگهيو آهي.

کنڊ جا اگهه ڪير سنڀاليندو؟ قيمتون ڪيئن ۽ ڪڏهن هيٺ اينديون؟ عوام مصيبت ۾ آهي.

حڪومتي دعوائن باوجود مختلف شهرن ۾ کنڊ 140 کان 160 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهي آهي.

لاهور ۾ مقامي کنڊ غائب آهي پر امپورٽ کنڊ ڪجهه دڪانن تي 90 رپيا في ڪلو ملي ٿي.

ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي وزيرن کنڊ جي اگهن ۾ واڌ جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏنو آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ کنڊ جو اگهه وڌي رهيو آهي عمران خان ۽ سندس وزيرن جي نااهلي سبب.

وڌيڪ پڙهو: