حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين وارو بل پاس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيندي يا اپوزيشن شڪست ڏيندي؟ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ حڪومت چونڊ سڌارن وارو بل، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ ڪلڀوشن ياديو بابت بل سميت 27 بلز منظور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي، جڏهن ته اپوزيشن ڄمي مقابلو ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي آهي.
حڪومت عمران خان جي قيادت ۾ 228 ميمبرز سان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي ميدان ۾ لهندي، جڏهن ته گڏيل اپوزيشن به 212 ميمبرز جي حمايت سان اجلاس ۾ شريڪ ٿيندي.
حڪومت کي 16 اضافي ووٽن جي نفسياتي سرسي به حاصل آهي، اپوزيشن ميمبرز قمر الزمان ڪائره بيمار هئڻ، مسلم ليگ ن جي شائسته پرويز ملڪ مڙس جي لاڏاڻي سبب اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو امڪان آهي.
اجلاس کان اڳ حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڌار ڌار مشاورت به ٿيندي، حڪومت پاران سڀني ميمبرز کي حاضري يقيني بڻائڻ جو پيغام ڏنو ويو آهي.
حڪومتي ذريعن موجب اپوزيشن جيتري به ڪوشش ڪري وٺي، اسين قانونسازي ۾ ڪامياب ٿينداسين.
اپوزيشن ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت کي هڪ ڀيرو وري پارليامينٽ اندر اچرج ۾ وجهنداسين..