مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين جا تفصيل لڪائڻ لاءِ حڪومتي خاموشي آءِ ايم ايف سان پردي پٺيان سمجهوتي جو نتيجو ٿي سگهي ٿي.
قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف آءِ ايم ايف جا شرط پارليامينٽ ۾ رکڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف جا شرط مڃڻ جو نتيجو قوم مهانگائي جي صورت ۾ ڀوڳي رهي آهي.
هن چيو ته ڊالر جي قيمت ۾ لاڳيتو واڌ معيشت لاءِ تباهه ڪندڙ آهي، تاريخ شاهد آهي ته ڊالر جي قيمت وڌڻ سان هميشه مهانگائي وڌي آهي.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ڊالر جي قيمت ۾ واڌ سان عوام ڪنگال ٿي رهيو آهي، آءِ ايم ايف سان ڳالهين جا تفصيل لڪائڻ مان لڳي ٿو ته دال ڪاري آهي، حڪومتي خاموشي آءِ ايم ايف سان پردي پٺيان سمجهوتي جو نتيجو ٿي سگهي ٿي..