حيدرآباد ۾ مختيار ڪار قاسم آباد جي گهر مان چوڪيدار جو گوليون لڳل لاش هٿ اچڻ بعد مقتول چوڪيدار عثمان سومرو جي وارثن مختيارڪار جي ڀاءُ تي قتل جو الزام هڻندي مختيارڪار جي گهر تي حملو ڪري مختيارڪار ماجد ۽ سندس ڀاءُ تي ڏنڊن جو وسڪارو لائي ٻنهي کي اڌ مئو ڪري ڇڏيو،
چوڪيدار عثمان سومرو جي وارثن هاءِ وي تي ڌرڻو به هنيو،
جنهن دوران مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪرين سبب هڪ اهلڪار زخمي به ٿي پيو، صوبائي وزير ڄام خان شورو جي خاطرين تي احتجاج ختم ڪيو ويو،
مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته مختيار ڪار جي ڀاءُ واجد خاصخيلي مور گم ٿيڻ تان عثمان کي قتل ڪيو آهي.
نسيم نگر ٿاڻي جي حد ۾ مختيارڪار قاسم آباد ماجد خاصخيلي جي گهر مان سندس چوڪيدار عثمان سومرو جو لاش هٿ آيو.
مقتول چوڪيدار جي وارثن مختيار ڪار جي ڀاءُ واجد تي عثمان کي قتل ڪرڻ جو الزام هڻندي مختيار ڪار جي گهر تي حملو ڪري ڏنو ،
ڏنڊا بردار مڇريل ماڻهن پوليس اهلڪارن جي موجودگي ۾ مختيارڪار ۽ سندس ڀاءُ تي ڏنڊا ۽ لٺيون وسائي کين اڌ مئو ڪري ڇڏيو.
چوڪيدار جي وارثن الزام هنيو آهي ته مختيار ڪار جي ڀاءَ ، مور گم ٿيڻ تي عثمان کي قتل ڪيو آهي.
پوليس موجب زخمي ٿيل مختيارڪار ماجد ۽ سندس ڀاءُ واجد کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي .