صوبائي وزير سعيد غني جي حيدرآباد ۾ کليل ڪچهري دوران ڪمشنر آفيس سامهون ميونسپل جي سوين ملازمن گاڏيون روڊ تي بيھاري پگھارن لاءِ احتجاج ڪيو.
صوبائي وزير سعيد غنيءَ جي کليل ڪچهري دوران ڪمشنر حيدرآباد جي آفيس اڳيان ميونسپل ڪارپوريشن جي سوين ملازمن گاڏيون روڊ تي بيھاري پگھارون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو، جنهن سبب روڊ تي ٽريفڪ جام ٿي وئي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ايف بي آر اڪائونٽ سيل ڪري ڇڏيا آهن، 5 ڏينھن کان آسرا ڏنا پيا وڃن، سڀاڻي ديوالي آھي، جنهنڪري ھندو ملازم پريشان آھن.
هنن چيو ته وڏي وزير پورهيت جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 ھزار رپيا ماهوار مقرر ڪئي آهي، پر ميونسپل ڪارپوريشن انتظاميا ان تي عمل نه ڪري رهي آهي.
احتجاج ڪندڙ ملازمن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن پگهارون جاري نه ڪيون ويون ته احتجاج جو سلسلو جاري رهندو..