پاڪستان

October 29, 2021 1:52 pm

حق جو آواز دٻائڻ لاءِ نيب کي استعمال ڪيو ويندو آهي

اڳوڻي وزير اعظم ۽ ن ليگ جي سينئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نيب آرڊيننس جا ٻه ئي مقصد هئا،جيڪي مان پهريان ئي ٻڌائي چڪو آهيان،

آرڊيننس جو مقصد نيب چيئرمين جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ ڪرڻي هئي.

اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ٻاهران ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته حق جو آواز دٻائڻ لاءِ نيب کي استعمال ڪيو ويندو آهي، سچ ۽ ڪوڙ عوام جي سامهون اچڻ گهرجي،

قول ۽ فعل جي تضاد  کي ملڪي حالتن کي موجودهه حد تائين پهچايو آهي.

ن ليگ جي اڳواڻ  وڌيڪ چيو ته اسان جي پرڏيهي پاليسي  پوري دنيا  اڳيان واضح آهي، هن نيب جي ڪارروائي  عوام کي لائيو ڏيکارڻ جو به مطالبو ڪيو..

وڌيڪ پڙهو: