سنڌ حڪومت مڪاني چونڊن جي حوالي سان نئين قانون جي تياري لاءِ اليڪشن ڪميشن کان مهلت گهري ورتي.
اليڪشن ڪميشن جي ٻه رڪني بينچ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ڪرائڻ بابت ٻڌڻي ڪئي.
اليڪشن ڪميشن رمارڪس ڏنا ته پهريان سنڌ حڪومت جو موقف هو ته آدمشماري جا نتيجا شايع ٿيڻ جو مسئلو آهي، نتيجا شايع ٿئي 6 مهينا گذري چڪا آهن.
اليڪشن ڪميشن ڄاڻايو ته اسان چيف سيڪريٽري کي طلب ڪيو هو، پر اهو پيش نه ٿيو، توهان هڪ مهيني ۾ ڇا ڪيو؟ ڇو نه توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيون.
اليڪشن ڪميشن ڄاڻايو ته جيڪڏهن توهان نئون قانون نه آڻيندو ته اسان پراڻي قانون تحت نيون تڪبنديون ڪرائي ڇڏينداسين..