پاڪستان

November 11, 2021 12:03 pm

جيڪي اسان جي آئين کي نٿا مڃين،انهن سان وڙهنداسين : فواد چوڌري

وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جيڪي ماڻهو اسان جي آئين ۽ قانون کي مڃين ٿا، انهن کي موقعو ملڻ گهرجي،جيڪي اسان جي آئين کي نٿا مڃين،انهن سان وڙهنداسين.

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته قومي اسيمبلي ۾ حڪومت کي شڪست نه ملي آهي،اپوزيشن طرفان بل اوچتو پيش ٿيو، اسان جا ميمبر ڪيفي ٽيريا ۾ هئا،.

فواد چوڌري چيو ته رياست امن قائم ڪرڻ لاءِ مختلف ٽول استعمال ڪندي آهي،افغانستان ۾ را ۽ اين ڊي ايس ڪمزور ٿيا آهن.

هن چيو ته  پاڪستان ۾ مهانگائي آهي، هي ڳالهه تسليم ڪريون ٿا، سموري دنيا  ۾ مهانگائي جي اهائي صورتحال آهي.

هن چيو ته هارين جي آمدني ۾ ريڪارڊ اضافو ٿيو آهي،اڏاوتن  جي شعبي ۾ بهترين سيڙپڪاري ٿي،جيڪڏهن مهانگائي ٿي ته ملڪ ۾ معاشي قدم به کنيا پيا وڃن.

هن چيو ته وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو،سپريم ڪورٽ وزير اعظم  کي اي پي ايس  سانحي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

هن چيو ته اي پي ايس سانحو ٿيو ته سياسي قيادت متحد ٿي،جيڪا سٺي ڳالهه هئي..

وڌيڪ پڙهو: