تعلیم

October 6, 2021 9:07 pm

جوهي، ڦلجي اسٽيشن ۽ ڦل ۾ اسڪولن جي ڇتين جا چاپڙ ڪِري پيا، 3 استاد زخمي

جوهي، ڦلجي اسٽيشن ۽ ڦل ۾ اسڪولن جي ڇتين جا چاپڙ ڪِري پيا، جنهن دوران 3 استاد زخمي ٿي پيا، استادن ۽ شاگردن احتجاجي مظاهرا ڪري اسڪولن جي مرمت ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

جوهي ڀرسان هاءِ اسڪول ڪمال خان جي اسٽاف روم جي ڇت جا چاپڙ ڪِري پيا، جنهن جي نتيجي ۾ 3  استاد اعجاز لُنڊ،  پيرل لُنڊ ۽ علي مظهر رند زخمي ٿي پيا، جن کي جوهي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڦلجي اسٽيشن ڀرسان خان محمد آباد بوائز هاءِ اسڪول  پيارو ۾ به پڙھائي دوران ڇت جا چاپڙ ڪِري پيا، جنهن دوران شاگردن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا،

اسڪول جي مرمت نه ڪرائڻ خلاف استادن ۽ شاگردن احتجاج ڪندي دانهيو ته اسڪول جا چاپڙ ڪِرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي، بار بار دانهڻ باوجود اسڪول جي مرمت نه ٿي ڪرائي وڃي.

ڦل ۾ به پرائمري اسڪول غلام حسين سومرو جي اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪِري پيا، جنهن دوران شاگرد معجزاڻي نموني بچي ويا.

اسڪول جي استادن ۽ شاگردن  احتجاجي مظاهرو ڪري دانهيو ته تازين برساتن سبب اسڪولن جون عمارتون زبون حال بڻجي وئي آهي، چاپڙ ڪِرڻ سبب شاگردن جون حياتيون خطري ۾ پئجي ويون آهن.

وڌيڪ پڙهو: