پاڪستان

April 11, 2022 11:42 am

جهانگير ترين 16 اپريل تي ڏيهه واپس پهچندو

علاج لاءِ لنڊن ويل ترين گروپ جي سربراهه جهانگير ترين 16 اپريل تي ڏيهه واپس پهچندو.

ترين گروپ جي اڳواڻ عون چوڌري جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن جهانگير ترين کي سفر جي اجازت ڏني آهي، لنڊن مان سندس 15 اپريل جي ٽڪيٽ بڪ ڪرائي وئي آهي.

جهانگير ترين 16 اپريل تي لاهور پهچندو، جتي سندس گروپ جا ميمبر سندس آجيان ڪندي.

ڏيهه واپسي بعد جهانگير ترين عليم خان، چوڌري سرور ۽ اسد کوکر سميت سمورن ناراض اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو.

جهانگير ترين جي پنجاب ۾ وڏ وزارت لاءِ نامزد اميدوار حمزا شهباز سان به ملاقات جو امڪان آهي.

وڌيڪ پڙهو: