سنڌ

November 25, 2021 1:15 pm

جنهن ٿر جو ڪوئلو، گئس، بجلي استعمال پئي ٿئي، ان ٿر جي ماڻهن کي پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي : چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب ٻارن جي فوت ٿيڻ بابت ٻڌڻي دوران سيڪريٽري صحت جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي،

چيف جسٽس سيڪريٽري صحت کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ٿر ڏٺو آهي، ڏيپلو ڏٺو آهي، ڏاهلي جي حالت ڏٺي آهي؟، اتي ڪجهه به ناهي،

سڀ الله جي آسري آهن، حڪومت ۽ عوام ۾ رابطو ڪٽيل آهي، جنهن ٿر جو ڪوئلو، گئس، بجلي استعمال پئي ٿئي، ان ٿر جي ماڻهن کي پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي،

معصوم ٻار مري رهيا آهن، ڪنهن کي پرواهه ناهي، ٿر ۾ جيڪي ويڪسينيٽر ۽ ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا ويا، اهي بدليون ڪرائي هليا ويا، ٿر ۾ ڊاڪٽرن جون 75 سيڪڙو جايون خالي پيل آهن،

جڏهن به پڇاڻو ٿا ڪريون ته گڏيل قومن جي رپورٽن جي ڳالهه ٿا ڪريو، اسان ٿر جي حالت پاڻ ڏٺي آهي، پرڏيهي رپورٽن کي ڪيئن مڃون..

وڌيڪ پڙهو: