پاڪستان

November 8, 2021 12:39 pm

جماعت اسلامي پاران پنڊورا پيپرز جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ گڏيل درخواست داخل

جماعت اسلامي پنڊورا پيپرز ۾ آيل نالن جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، سراج الحق چيو آهي ته پنڊورا پيپرز سامهون ايندي 50 ڏينهن کان وڌيڪ وقت گذري ويو,

وزيراعظم آفيس ۾ قائم سيل اڃا تائين غير فعال آهي، اپوزيشن به ڪو آواز ناهي اٿاريو.

جماعت اسلامي پاران پنڊورا پيپرز جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ گڏيل درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پاناما پيپرز ۾ شامل ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري ملڪي ناڻو لٽيندڙن جو احتساب ڪيو وڃي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته پنڊورا پيپرز سامهون ايندي 50 ڏينهن کان وڌيڪ وقت گذري ويو، وزيراعظم آفيس ۾ قائم سيل اڃا تائين غير فعال آهي،

اپوزيشن به ڪو آواز ناهي اٿاريو، حقيقي معنيٰ ۾ نتيجو ڏيندڙ احتساب جو وقت اچي ويو آهي.

هن چيو ته پ پ ۽ ن ليگ جون حڪومتون ڪرپشن الزامن تحت ختم ٿيون، اڄ به ڪرپشن اهڙي طرح موجود آهي، جيئن پهريان هئي، عمران خان چوندو هو ته اڳواڻ ٺيڪ هجي ته معاملا ٺيڪ ٿي ويندا آهن..

وڌيڪ پڙهو: