پاڪستان

January 31, 2022 12:17 pm

جسٽس گلزار احمد جهڙن ججز اقليتن کي سهارو ڏنو ۽ آزاداڻا فيصلا ڪيا : فواد چوڌري

وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اهڙي وقت ۾ جڏهن ڀارت جي عدليا شدت پسندن آڏو بيوس نظر اچي ٿي، جسٽس گلزار احمد جهڙن ججز اقليتن کي سهارو ڏنو ۽ آزاداڻا فيصلا ڪيا.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته اڄ چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس گلزار احمد ريٽائرڊ ٿي رهيو آهي،

هُن اقليتن جي عبادتگاهن کان وٺي جيڪي به تاريخي اسٽينڊ ورتا، انهن سان سندس عزت ۽ احترام ۾ واڌ ٿي آهي.

هن چيو ته هلندڙ سال سپريم ڪورٽ ۾ پنج ججز ريٽائرڊ ٿي رهيا آهن، پارليامينٽ کي نون ججز جي مقرري لاءِ آئيني ترميم تي غور ڪرڻ گهرجي.

وفاقي وزير فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پارليامينٽ سپريم ڪورٽ ۾ مقررين کي آزاداڻو ۽ شفاف بڻائي ٿي ته تمام وڏو ڪم هوندو،

سڀني سياسي پارٽين کي اختلافن کي پاسيرو رکي هِن اهم ترميم تي ڌيان ڏيڻو پوندو..

وڌيڪ پڙهو: