پاڪستان

تازه خبرون

October 13, 2021 8:43 pm

جادو ڦيڻي جو طعنو ڏيندڙ مريم پاڻ ٻڌائي ته ملڪ کان ٻاهر پئسا ڪهڙن جنات موڪليا، شهباز گل

مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي تي وزيراعظم جي صلاحڪار شهباز گل چيو آهي ته اڄ هڪ دفعو ٻيهر مريم صفدر هميشه جيان عدالت ۾ ڪوڙ ڳالهايو.

شهباز گل چيو ته مريم صفدر اڄ به عدالتن ۾ رسيدون ناهن ڏنيون. مريم صفدر قطري خط جيان اهو ناهي ٻڌايو ته رسيدون ڪٿي آهن؟ هن چيو ته قوم اڄ ڏٺو ته مريم صفدر جنات ۽ جادو ڦيڻي جو طعنو ڏنو مريم پاڻ ٻڌائي ته ملڪ کان ٻاهر پئسا ڪهڙن جنات موڪليا آهن.

شهباز گل وڌيڪ ٻڌايو ته شريف فيملي واپارين کان ڀتو وصول ڪيو ۽ ٻاهر اماڻيو. شريف خاندان کان پاڪستان جو ڪوبه ادارو محفوظ ناهي رهيو. اجمل قصاب ۽ ڪلبهوشن جي معاملي تي شريف فيملي ملڪ دشمني ڏيکاري.

شهباز گل چيو ته مريم صفدر صحيح چيو ته نوازشريف جهڙو ڪوبه نٿو بڻجي سگهي، ڇو ته ايترو ڌوڪيباز ۽ فراڊي واقعي ڪو ٻيو نٿو بڻجي سگهي.

وڌيڪ پڙهو: