پاڪستان

تازه خبرون

October 17, 2021 11:10 am

تيل جي قيمتن ۾ اضافي تي پروپئگنڊا ٿي رهي آهي : فواد چوڌرري

وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته تيل جي قيمتن ۾ اضافي تي ائين پروپئگنڊا ٿي رهي آهي، جيئن اسان دنيا جي ڪنهن ٻئي گرهه تي رهي رهيا آهيون،جيڪڏهن دنيا  ۾ تيل، گيس جي قيمت ۾ اضافو ٿيندو، ته پاڪستان ۾ به واڌ ٿيندي.

ٽوئيٽ ڪندي وفاقي وزير چيو ته سمورو ملڪ سبسڊي تي هلي نٿو سگهي، هينئر قيمتون وڌيڪ آهن، سڀاڻي  گهٽجي وينديون ته اسان به گهٽائي ڇڏينداسين.

فواد چوڌري چيو ته هڪ قوم جيان گڏجي مشڪلاتن کي منهن ڏينداسين،معاشي مشڪلاتون عارضي آهن، زراعت ۽ اڏاوتي شعبا تاريخي نفعو ڪمائي رهيا آهن.

وفاقي وزير چيو ته پگهار دار طبقي جون مشڪلاتون آهن، خانگي شعبو  پنهنجن ملازمن  جي پگهار ۾ اضافو ڪري، آمدني ۽ روزگار ۾ اضافو مهانگائي جو ٽوڙ آهي..

وڌيڪ پڙهو: