سنڌ

November 2, 2021 1:11 pm

توهين عدالت واري درخواست تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي عدالت طلب

سنڌ هاءِ ڪورٽ غير قانوني اڏاوتن خلاف توهين عدالت واري درخواست تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي طلب ڪري ورتو.

جسٽس ظفرعلي راجپوت ۽ جسٽس فيصل ڪمال جي سبراهيءَ ۾ ڊويزن بئنچ غير قانوني اڏاوتن خلاف توهين عدالت جي وڌيڪ هڪ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته نارٿ ناظم آباد ۾ پلاٽ نمبر 538 بلاڪ آءِ تي منظور ٿيل نقشي خلاف اڏاوتون  ٿي رهيون آهن، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته حڪم باوجود غير قانوني اڏاوتون ڇو نه ڪيرايون ويون.

سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي وڪيل ٻڌايو ته هڪ ڀيرو ڪارروائي ڪئي وئي هئي، جنهن تي جسٽس فيصل ڪمال چيو ته هڪ ڀيرو ڪارروائي بعد ٻيهر اڏاوت ٿيڻ وڌيڪ خراب آهي، اڃا تائين غير ذميوار آفيسرن جا نالا طلب ڪيا آهن، ڪارروائي به ڪري سگهون ٿا.

عدالت هدايت ڪئي ته ڊي جي سليم حيدر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ضرعام حيدر پيش ٿي حڪم تي عملدرآمد نه ٿيڻ جي وضاحت ڪن..

وڌيڪ پڙهو: