پاڪستان

سنڌ

October 26, 2021 2:03 pm

توهان جو ڪم شادي هال هلائڻ آهي؟، پوءِ ته ايئر پورٽ تي به شادي هال ٺاهي ڇڏيو؟ : سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ سول ايوي ايشن کي مليل زمين صرف ايئرپورٽ لاءِ استعمال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس ڊي جي سول ايوي ايشن کي ڇنڊ پٽيندي  چيو ته سول ايوي ايشن جِي زمين تي شادي هال هلي رهيا آهن،

توهان جو ڪم شادي هال هلائڻ آهي؟، پوءِ ته ايئر پورٽ تي به شادي هال ٺاهي ڇڏيو؟ ڪراچي ايئر پورٽ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو اَٿوَ، رڳو توهان آهيو، جيڪي رات جو جهاز اڏايو ٿا، ڪنهن مهذب ملڪ ۾ رات جو جهاز نه اڏايا ويندا آهن، عوام کي سمهڻ به نه ٿا ڏيو، کين رڍ ٻڪري سمجهو ٿا.

چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سول ايوي ايشن جي الاٽ ڪيل زمين تي قبضي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ڊي جي سول ايوي ايشن ۽ ٻيا عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا،عدالت ڊي جي سي اي اي کان پڇاڻو ڪيو ته توهان پهريان مليل زمين جو ڇا ڪيو آهي جو ٻي زمين گهريو ٿا، توهان جي زمينن تي شادي هال هلي رهيا آهن، ڇا توهان جو  ڪم شادي هال هلائڻ آهي؟.

چيف جسٽس چيف جسٽس ڊي جي سول ايوي ايشن کي ڇنڊ پٽيندي  چيو ته ڪراچي ايئر پورٽ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو اَٿوَ، رڳو توهان آهيو، جيڪي رات جو جهاز اڏايو ٿا، ڪنهن مهذب ملڪ ۾ رات جو جهاز نه اڏايا ويندا آهن، عوام کي سمهڻ به نه ٿا ڏيو، کين رڍ ٻڪري سمجهو ٿا.

عدالت سول ايوي ايشن کي مليل زمين صرف ايئرپورٽ لاءِ استعمال ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي ..

وڌيڪ پڙهو: