سنڌ سرڪار توانائي بحران تي وفاقي وزير حماد اظهر کان استعيفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو، صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته چئن خصوصي معاونن جي استعيفا باوجود توانائي وارو بحران وڌيڪ سنگين ٿي ويو آهي، نيپرا رپورٽ حڪومت خلاف چارج شيٽ آهي، رپورٽ موجب ايل اين جي جو سودو دير سان ڪرڻ سبب قوم کي مهانگي بجلي جو بار کڻڻو پئجي رهيو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ امتياز شيخ چيو ته حڪومت فرنيس آئل مان بجلي پيدا ڪري پنهنجي اي ٽي ايمز جا کيسا ڀري رهي آهي.
توانائي واري صوبائي وزير تونائي بحران تي وفاقي وزير حماد اظهر کان استعيفا جو مطالبو ڪندي چيو ته نيپرا رپورٽ حڪومت خلاف چارج شيٽ آهي، رپورٽ موجب ايل اين جي جو سودو دير سان ڪرڻ سبب قوم کي مهانگي بجلي جو بار کڻڻو پئجي رهيو آهي..