پاڪستان

October 19, 2021 11:26 am

تمام جهانن جي سردار، محسن انسانيت حضرت محمد مصطفيٰ احمدِ مجتبيٰ ﷺ  جي  آمد مرحبا

تمام جهانن جي سردار، محسن انسانيت حضرت محمد مصطفيٰ احمدِ مجتبيٰ ﷺ  جَي  آمد مرحبا جي موقعي تي سموري ملڪ ۾ جشن ميلاد النبي ﷺ عقيدت، احترام، جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.

ملڪ جي   ننڍن وڏن شهرن ۾ جلوس ۽ نعت خواني جون محفلون ٿي رهيون آهن،  هر پاسي  يا مصطفيٰ ﷺ جون صدائون بلند ٿي رهيون آهن،جڏهن ته رات کان عمارتن کي روشنين سان سينگاريو ويو آهي.

ٻئي طرف عيد ميلاد النبي ﷺ تي وفاقي راڄڌاني ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ توپن جي سلامي سان ڏينهن جي شروعات ڪئي وئي.

وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 31 ۽ صوبائي راڄڌاني وارن شهرن ۾ 21-21 توپن جي سلامي ڏني وئي.

عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام  ڪيا ويا آهن، جلوس ۽ ريلين جي سيڪيورٽي  لاءِ  پوليس  ۽ رينجرز جا خاص دستا مقرر ڪيا ويا آهن.

عاشقان رسول ﷺ پنهنجي پنهنجي  انداز سان حضور اڪرم ﷺ سان محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن.

اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس، وزير اعظم هائوس، ايوان صدر سميت سرڪاري عمارتن کي به خوبصورتي سان سينگاريو ويو آهي.

وڌيڪ پڙهو: