سنڌ

November 5, 2021 2:05 pm

تلور جي شڪار کان روڪڻ تي بيدردي سان قتل ڪيل ناظم جوکيو ڪيس ۾ بااثر ايم پي اي ڄام اويس گهرام گرفتاري پيش ڪري ڇڏي

تلور جي شڪار کان روڪڻ تي بيدردي سان قتل ڪيل ناظم جوکيو ڪيس ۾ بااثر ايم پي اي ڄام اويس گهرام گرفتاري پيش ڪري ڇڏي،

ملير جي عدالت جوابدار کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو،

مقتول ناظم جوکيو جي وارثن ۽ ساڃاهه وندن جي ڌرڻي کانپوءِ بااثر جوابدار پاڻمرادو پوليس آڏو پيش ٿيو،

پوليس ايم پي اي ڄام اويس گهرام کي ملير جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

عرب شڪارين کي تلور پکيءَ جو شڪار ڪرڻ کان روڪڻ تان  ناظم جوکيو کي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد پيپلز پارٽي ايم پي اي ڄام اويس رات دير سان پوليس وٽ پاڻمرادو گرفتاري پيش ڪري ڇڏي.

پوليس جوابدار ڄام اويس کي ملير جي عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ جي استدعا ڪئي، عدالت  ڄام اويس کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

عدالت پوليس کان  ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس ۾ اڳڀرائي بابت رپورٽ به طلب ڪئي آهي..

وڌيڪ پڙهو: