تلور جي شڪار ين جي ويڊيو ٺاهڻ تان بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان ناظم جوکيو جو ايم پي اي ڄام اويس گهرام ۽ سندس ساٿين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،
مقتول جي وارثن بااثر جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف لاش ملير قومي شاهراهه تي رکي روڊ بند ڪري ڇڏيو ۽ جنازي نماز به اُتي ئي ادا ڪئي وئي.
گذريل ڏينهن عرب شڪارين جي تلور جي شڪار واري ويڊيو ٺاهڻ تان موتمار ڌمڪين بعد قتل ڪيل نوجوان ناظم جوکيو جو ڪيس مقتول جي ڀاءُ افضل جي فرياد تي ايم پي اي ڄام اويس گهرام،
نياز سالار ۽ ٻين خلاف ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو.
مقتول جي ڪيس ۾ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جو نالو شامل نه ڪرڻ ۽ ڪيس ۾ نامزد جوابدار ڄام اويس گهرام گرفتار نه ٿيڻ خلاف لاش ملير قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو ويو آهي.
مقتول جي وارثن چيو آهي ته ميمڻ ڳوٺ پوليس ڪيس لوڙهڻ چاهي ٿي، ان لاءِ ڄام اويس گهرام کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي ۽ مک جوابدار ڄام عبدالڪريم جو ڪيس ۾ نالو ئي شامل ناهي ڪيو ويو،
جيستائين انصاف نه ٿيندو، سندس احتجاج جاري رهندو.
ٻئي طرف ميمڻ ڳوٺ پوليس چيو آهي ته ٻن جوابدارن حيدر علي ۽ امير علي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ نامزد جوابدار ڄام اويس گهرام روپوش آهي.
ياد رهي ته گذريل اڱاري تي ڪوهستان جي علائقي ۾ تلور جو شڪار ڪندڙ عرب شڪارين جي جنگشاهي واسي نوجوان ناظم جوکيو ويڊيو ٺاهي هئي، جنهن کانپوءِ موتمار ڌمڪيون ملڻ تي نوجوان سوشل ميڊيا تي پنهنجو ويڊيو بيان رکيو ۽ وڪيل دوست ڏي وائيس مئسيج به ڪيو هو ته ويڊيو ۽ ڌمڪين واري معاملي کانپوءِ کيس ڄام عبدالڪريم جا ماڻهو وٺڻ آيا آهن، ڪجهه ٿيو ته ذميوار اهي جوابدار هوندا..