تلور جـَي شڪارين جي ويڊيو ٺاهڻ تان بيدردي سان قتل ڪيل مقتول ناظم جوکيو جي وارثن جو ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ڌرڻو جاري آهي .
ڌاٻيجي ويجهو قومي شاهراهه تي ڌرڻي سبب ڪراچي کان ٺٽو ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل
نوجوان ناظم جوکيو جي ڳوٺ آچار سالار جوکيو ڀرسان جهولي واري قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي
واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس نامزد ايم پي اي ڄام اويس گهرام ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي.
پوليس ڄام اويس گهرام کي روپوش قرار ڏيندي ٻن جوابدارن حيدر علي ۽ امير علي کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته پوليس ڄام اويس گهرام کي پوليس روپوش قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايت تي پيپلزپارٽي ايم پي اي ساجد جوکيو، سليم بلوچ ۽ راجا يوسف ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي.
ايم پي اي ساجد جوکيو خاطري ڪرائيندي چيو ته وڏي وزير جي هدايت تي ڌرڻي ۾ آيا آهيون، ، مقتول جي وارثن سان انصاف ٿيندو،
ساجد جوکيو وڌيڪ چيو ته ڪنهن هڪ ماڻهو جي ڏ وهه کي پارٽي جو ڏوهه نه سمجهيو وڃي، جيڪي به ڏوهه ۾ ملوث آهن انهن کي گرفتار ڪيو ويندو، ضرورت ڏئي ته ايم پي اي کي به گرفتار ڪيو ويندو.
مقتول جي ڀاءُ افضل جوکيو ۽ ٻين چيو ته ناظم جوکيو کي ايم اين اي ڄام ڪريم پنهنجي اوطاق تي گهرايو، کيس ڪپڙن کان آجو ڪري بدترين تشدد جو نشانو بڻايو پر پوليس ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي گرفتار نٿي ڪري.
مقتول نوجوان جي وارثن پوليس تي ايم پي اي سان ونگار وهڻ جو الزام هڻندي چيو ته مک جوابدارن کي هن وقت تائين گرفتار ناهي ويو ويو.
ظاهرين چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪندي چيو ته پاڻمرادو نوٽيس وٺي قتل ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪري ڄام اويس گهرام کي گرفتار ڪيو وڃي..